18 اتوار , نومبر 2018

عام چونڊون: عالمي مبصرن ۽ ميڊيا لاءِ ظابطه اخلاق جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  ايندڙ عام چونڊن جي موقعي تي عالمي مبصر ن ۽ ملڪي ميڊيا لاءِ ظابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيا.  اليڪشن ڪميشن موجب ظابطه اخلاق 16 شقن تي ٻڌل آهي ۽ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ عالمي مبصرن جو اجازت نامو رد ڪري سگهجي ٿو. ظابطه اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته عالمي مبصرن ۽ ميڊيا کي حلف ناما پڻ جمع ڪرائڻا پوندا ۽ ان تي پاڪستان جي خودمختياري جو خيال رکڻ لازمي هوندو.  ظابطه اخلاق ۾ عالمي مبصرن تي شهرين جي بنيادي حقن ۽ آزادي جو خيال رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته بين القوامي ميڊيا ۽ مبصرن سياسي لاڳاپا ۽ اميدوارن سان غير جانبدرارويو رکڻ جا پابند هوندا. ظابطه اخلاق موجب بين القوامي مبصر ذاتي راءِ ذريعن جي حوالن سان نه ڏئي سگهندو ۽ مبصر تنظيمن جو نامزد شخص جنرل الڪيشن تي راءِ ڏئي سگهندو.  ظابطه اخلاق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مبصر تنظيم عام چونڊن تي تجويزن سان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪندي ۽ ويزا ختم ٿيڻ بعد عالمي مبصر وڌيڪ نه رهڻ جا پابند هوندا. ياد رهي ته ملڪ ۾ 25 جولائي تي عام چونڊون ٿي رهيو آهن جنهن ننڍين وڏين سياسي پارٽين جا هزارين اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے