19 پیر , نومبر 2018

پنجاب جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس، بجيٽ جي منظوري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مالي سال 2019-2018 جي 4 مهينن جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب نئين مالي سال 19-2018 جي 4 مهينن جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ريٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان موقعي تي پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جو چوڻ هو ته سمورا فيصلا ڪابينا جي ڳالهين سان ڪيا پيا وڃن، بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اسان آئيني تقاضن کي نظر ۾ رکندي بجيٽ پيش ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي مينڊيٽ ۾ رهي صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي بجيٽ ۾ تعليم، صحت، زراعت ۽ سماجي شعبن جي لاءِ فنڊ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جو گڏيل امارتن جو دورو، شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي اردو ۾ ٽوئيٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے