15 جمعرات , نومبر 2018

ن ليگ جي باغي اڳواڻ زعيم قادري نئين سياسي پارٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي باغي اڳواڻ زعيم حسين قادري نئين سياسي پارٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ سندس پارٽي جو نالو پاڪستان مسلم ليگ نظرياتي رکڻ جا امڪان آهن. خانگي ٽي وي چينل موجب زعيم قادري پارٽي جوڙڻ ۽ شموليت جي حوالي سان مختلف علائقن ۾ هم خيال اڳواڻن سان رابطا به ڪيا آهن. زعيم قادري ن ليگ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ زعيم قادري چيو ته ن ليگ پرائيويٽ لميٽڊ ڪمپني بڻجي چڪي آهي.  ڪنه کي خبر ناهي ته ن ليگ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اسان سان قسم کڻندا هئا ته اسان شريف ماڻهو آهيون، اسان کي ڪهڙي خبر هئي ته اهي ماڻهو ڇا آهن. هن چيو ته چوڌري عبدالغفور اندر جو ماڻهو هو، هن کي وڌيڪ خبر هئي، هن ٻڌايو ته پارٽي ۾ 2007ع کان سوال اٿي رهيا آهن جنهن تي مون کي پارٽي ۾ ناپسند ڪيو ويو، ن ليگ مون کي ٻه ٽيڪٽون جيڪي مون واپس ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريت جو دور ڏٺو، هاڻي جعلي دور جو به ڄمي مقابلو ڪنداسين: حمزا شهباز

لاهور  ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے