18 اتوار , نومبر 2018

مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪري ٿڪجي پياسين ۽ شهباز کي ڪراچي اچڻ تي ڪچرو پيو ياد اچي: فاروق ستار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار جو چوڻ آهي ته شهباز شريف کي ڪراچي اچڻ تي ڪچرو ياد اچي رهيو آهي، مسئلا حل ڪرائڻ جي لاءِ منٿون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون.  ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته ڪراچي پيڪيج ۾ ايتري دير ٿي ته ڪو ڪم نه ٿي سگهيو، اسان نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي کي مسئلا حل ڪرائڻ جي لاءِ منٿون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون ۽ هاڻ شهباز شريف کي ڪراچي اچڻ تي ڪچرو ياد اچي رهيو آهي. ياد رهي ان کان اڳ ايپلٽ ٽريبونل اين اي 245 ڪراچي مان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے