17 ہفتہ , نومبر 2018

ايپلٽ ٽريبونل طرفان پي ٽي آءِ جي يار محمد رند جي اپيل رد، چونڊ لاءِ نااهل قرار

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ايپلٽ ٽريبونل تحريڪ انصاف بلوچستان جي صوبائي صدر يار محمد رند جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ آر او جو فيصلو برقرار رکندي کيس چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. تفصيل موجب ايپلٽ ٽريبونلز ۾ نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، ايپل ٽريبونل پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر يار محمد رند جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ٽريبونل آر او جو فيصلو برقرار رکندي يار محمد رند کي چونڊ جي لاءِ نااهل قرار ڏئي جنهن تي پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر ٽريبونل فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے