22 جمعرات , نومبر 2018

چيف جسٽس آف پاڪستان غير قانوني شادي هالن وارو ڪيس اُڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان غير قانوني شادي هالن وارو ڪيس اُڪلائيندي قانون جي موجب بڻجندڙ شادي هالن کي سي ڊي اي کي فيس دا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار غير قانوني شاهدي هال ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ريمارڪس ڏنا ته زمين جا مالڪ آزاد آهن جيڪي وڻين ٺاهن جڏهن ته زمين ايڪوائر نه ڪئي وئي تڏهن به قانون لاڳو هوندو. عدالت جو قانون جي موجب بڻجندڙ شادي هالن کي سي ڊي اي کي فيس ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قاعدن خلاف بڻجندڙ شادي هالن کي سي ڊي اي پهرين ئي نوٽيس جاري ڪري چڪو آهي ۽ نوٽيسن جي خلاف شادي هال لاڳاپيل فارم تي وڃي سگهن ٿا. ان موقعي تي شادي هالن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سي ڊي اي جا مقرر ڪيل چارجز گهڻا آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته چارجز جو معاملو اسان نه ڏسنداسين اِهو سي ڊي اي جو حق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے