19 پیر , نومبر 2018

ن ليگ جي فارن فنڊنگ جو معاملو جاچ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ن ليگ جي فارن فنڊنگ جو معاملو جاچ ڪميٽي حوالي ڪندي ڌرين کي 31 جولاءِ تي ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ ن ليگ خلاف فارن فنڊنگ بابت درخواست جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن ڪئي. تحريڪ انصاف طرفان وڪيل فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿيو. اليڪشن ڪميشن ن ليگ جي فارن فنڊنگ وارو معاملو جاچ ڪميٽي حوالي ڪندي ڌرين کي 31 جولاءِ تي ڪميٽي اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پ پ، ٻنهي منع ڪيل فارن فنڊنگ جي مد ۾ اليڪشن ڪميشن سان غلط بياني ڪئي ۽ حقيقتون لڪايون، ٻنهي پارٽين جون ٻاهرين ملڪ پنهنجن نالن سان ڪمپيون رجسٽرڊ ڪيون آهن، جنهن ذريعي پرڏيهي فنڊنگ گڏ ڪئي ويندي آهي، حد اها آهي ته رهتن جا گوشوارا سربراهه جي صحيح کانسواءِ جمع ڪرايا ويا. هن چيو ته ن ليگ زبير گل ذريعي پرڏيهي حڪومتن سان معاملا طئي ڪري رهي آهي، ان معاملي جي جاچ ٿيڻ ضروري آهي، ٻنهي پارٽين جي اثاثن ۽ آمدني جي ذريعن بابت حقيقتون سامهون آڻڻ ضروري آهي. اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران پ پ بابت پرڏيهي فنڊنگ جو معاملو به جاچ ڪميٽي کي موڪليو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan chase 176 as victory looms

ابو ظهبي ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾، قومي ٽيم جي پوزيشن مضبوط

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز)ابوظهبي ٽيسٽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي جتي قومي ٽيم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے