21 بدھ , نومبر 2018

نيب جو اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز کي انٽرپول جي ذريعي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) مختلف ڪيسن ۾گهربل اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز کي انٽرپول  جي ذريعي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ٻنهي پٽن حسن ۽حسين نواز کي انٽرپول جي ذريعي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب ذريعن موجب لنڊن ۾ موجود حسن ۽ حسين نواز ايون فيلڊ سميت ٽنهي ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار آهن جڏهن ته اسحاق ڊار تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي. نيب ان حوالي سان لاڳاپيل فورم تي ٽنهي جوابدارن جي وطن حوالگي جي لاءِ درخواست جمع ڪرائيندو درخواست ۾ جوابدارن جي خلاف دستاويزي ثبوت به ڏنا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے