22 جمعہ , فروری 2019

اسحاق ڊار جي واپسيءَ لاءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي: بئريسٽر علي ظفر

لاهور (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اسحاق ڊار جي واپسي لاءِ ريڊ وارنٽ قانون موجب جاري ڪيا ويندا.  لاهور هاءِ ڪورٽ پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته چونڊون هر صورت ۾ پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، حڪومت ان حوالي سان قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊون پوئتي ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي، پرامن، صاف شفاف ۽ وقتائتين چونڊن جي خاطري ڪرايون ٿا، جيڪي به مسئلا هوندا، انهن کي هر حد تائين وڃي حل ڪنداسين. هن چيو ته اسحاق ڊار کي ڏيهه موٽائڻ لاءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن به اشتهاري شخص کي آڻڻ لاءِ قانوني طريقي سان ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويندا آهن، عدالتي فيصلي جي روشني ۾ قانون کي ڏسندي اسحاق ڊار جا وارنٽ جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے