21 بدھ , نومبر 2018

عمران خان تحريڪ انصاف ۾ گروپنگ جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آ) جي چيئرمين عمران خان پنهنجي پارٽي ۾ گروپنگ جو اعتراف ڪري ورتو. عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي جا گروپ موجود آهن. عمران خان اها اميد به ظاهر ڪئي ته هڪ ڀيري جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچي ويندي ته اِها گروپنگ ختم ٿي ويندي. تحريڪ انصاف جي سربراهه  ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو آهي ته هو قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ترقياتي فنڊ جاري نه ڪندو. هن چيو ته ايم اين ايز ۽ ايم پي اي کي ترقياتي فنڊ ڏيڻ وارو عمل ڪرپشن کي هٿي ڏيندو آهي. قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي باري ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن سند حڪومت آئي ته هو پي آءِ اي کي نه خانگائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے