15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: بدين: قاضيه واهه مان مئل جانور ملڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

Badin: The chain of dead animals could not be stopped from the judgeبدين جي قاضيه واهه کي صاف رکڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود واهه مان مئل جانور ملڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو.

شهر جي مک واهه صاف رکي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ بابت ڪيترائي ڀيرا سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪمن باوجود واهه صاف نه ٿي سگهيو، ۽ لڳاتار مئل جانور واهه ۾ اڇليا پيا وڃن.

واهه جي مختلف آرڊين تي بيلدار مقرر هجڻ باوجود ماڻهو مئل جانور واهه  ۾ اڇلي وڃن ٿا.

ميونسپل انتظاميه واهه مان مئل جانور کي ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪئي،  جنهن سبب شهري پريشان بڻيل آهن.

هوڏانهن شهرين سيشن جج کان مطالبو ڪيو ته قاضيه واهه کي گندگي کان بچائي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ تحرڪ وٺي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے