16 جمعہ , نومبر 2018

ملڪي ناڻو ڦريندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين: نيب چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ملڪي ناڻو ڦريندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيب لاهور جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي نيب لاهور مختلف انڪوائرين ۽ ڪيسن بابت بريفنگ ڏني. نيب چيئرمين هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ موڪليل ڪيس مقرر وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن، ميگا ڪرپشن ڪيسن کي جلد انجام تائين پهچايو وڃي. سندس چوڻ هو ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، هر ڪنهن جو مرتبو ۽ عهدو نيب آفيس ٻاهران ختم ٿي ويندو آهي، نيب ۾ سڀني سان بنا فرق جي قانون موجب ورتاءُ ٿيندو. جاويد اقبال چيو ته اسان جو چونڊن سان ڪو واسطو ناهي، ملڪي ناڻو ڦريندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين، نيب آفيسر توڙي اهلڪار ڌمڪين ۽ دٻاءَ کانسواءِ ڪيسن تي ڌيان ٿين، ڪرپشن کي هر وقت روڪڻ ۽ ان جو تدارڪ وقت جي ضرورت آهي، نيب بدعنواني جي خاتمي کي پنهنجي پهرين ترجيح قرار ڏئي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے