16 جمعہ , نومبر 2018

عورتن سان بدترين سلوڪ ۾ ڀارت پهرين نمبر تي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ڀارتي کي عورتن سان خراب سلوڪ ڪندڙ دنيا جو بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز طرفان عورتن سان سلوڪ تي هڪ سروي ڪئي وئي جيڪا 550 ماڻهن تي ٻڌل هئي. سروي رپورٽ موجب سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪرڻ جي باوجود ڀارت، عورتن سان خراب سلوڪ تي دنيا جو بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان حوالي سان ڀارت جو پهريون نمبر آهي. ڀارت ۾ عورتن سان خراب سلوڪ ۾ جنسي غلامي، گهريلو ۽ جسماني تشدد، زبردستي ڪم ڪرڻ تي راضي ڪرڻ، زبردستي شادي ڪرائڻ وغيره شامل آهي جڏهن ته 7 سال اڳ ساڳي سروي ۾ ڀارت جو نمبر ستون هو. رائٽرز سروي موجب پهرين نمبر تي ڀارت، ٻئي نمبر تي افغانستان، ٽئين نمبر تي شام، چوٿين نمبر تي صوماليا، پنجين نمبر تي سعودي عرب، ڇهين نمبر تي پاڪستان، ستين نمبر تي عوامي جمهوريه ڪانگو، اٺين نمبر تي يمن، نائين نمبر تي نائيجيريا جڏهن ته ڏهين نمبر تي آمريڪا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے