19 پیر , نومبر 2018

سنڌ ۾ پاڻي اندر صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيميڪل جي موجودگيءَ جو انڪشاف

ڪراچي/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر، ميرپورخاص، بدين ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ زمين اندر پاڻي ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيميڪل جي موجودگيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سان ماڻهو مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا. ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زمين اندر پاڻي ۾ يورينيم جي وڏي مقدار ۾ موجودگيءَ ظاهر ٿي آهي. ماهرن موجب اهڙي پاڻي جي استعمال سان گڙدن جون بيماريون جنم وٺن ٿيون. ڀارت ۾ جن هنڌن تي پاڻي ۾ يورينيم جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن ۾ گجرات ۽ راجسٿان شامل آهن، جيڪي سنڌ جي پٽيءَ سان ڳنڍيل آهن ۽ اها صورتحال سنڌ لاءِ به ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڀارت جي انهن علائقن ۾ زمين اندر پاڻي ۾ ڪيميڪل جي مقدار تمام گهڻي ۽ صحت جي عالمي اداري طرفان مقرر ڪيل معيار ميوگرام في فيلٽر (ug/L) کان تمام گهڻو آهي، جيڪو گڙدن لاءِ نقصانڪار آهي. ڀارت ۾ پاڻي کوٽ ڪا نئين ڳالهه ناهي، جڏهن ته زمين اندر پاڻي به مختلف سببن جي بنياد تي زهريلو ۽ گدلو آهي، جنهن سان انساني صحت کي سخت خطرا آهن ۽ ان صورتحال ۾ گهڻي قدر اولهه بنگال، اتر پرديش، بهار ۽ آسام جا علائقا سخت متاثر آهن. اها خطرناڪ صورتحال رڳو ڀارت نه پر پاڪستان لاءِ به ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڇو ته پاڪستان به پاڻي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ملڪ جي وڏي حصي ۾ آباد ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن، انهن جو دارومدار به زمين اندر موجود پاڻي تي هوندو آهي، جيڪي علائقا ڀارت سان ڳنڍيل آهن. سپريم ڪورٽ به صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي جي دانهن تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي رد ڪندي چيو هو ته صوبي ۾ پاڻي جو معيار انتهائي ناقص آهي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو هو ته سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي تمام خراب آهي، جنهن جي استعمال سان ماڻهو مختلف قسمن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. رپورٽ موجب حاصل ڪيل پاڻي، جيڪو سنڌ جي 13 ضلعن مان ورتو ويو هو، ڪنهن به طور استعمال جي لائق ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے