17 ہفتہ , نومبر 2018

سعودي عرب پنهنجي فوجين کي ٽريننگ جي لاءِ ڀارت موڪليندو

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پنهنجي فوج کي ٽريننگ جي لاءِ ڀارت موڪليندو. عرب اخبار موجب سعودي ڪيڊٽس ڀارت جي نيشنل ڊيفنس اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندا. ڀارتي نيشنل ڊفينس اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ پنج سعودي فوجين جو اهو ٻيو گروپ آهي. سعودي عرب ۾ مقرر ڀارتي سفير جو چوڻ آهي ته ان تربيت جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ آهي. سعودي ڪيڊٽس جي ڀارتي فوجي اڪيڊمي ۾ تربيت جو معاهدو 2014ع ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان جي ڀارت جي دوري جي موقعي تي ٿيو هو جيڪو ان وقت جو سعودي ولي عهد ۽ بچاءَ وارو وزير هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے