17 ہفتہ , نومبر 2018

تاريخ ڳالهائي ٿي

2 جون 1904 فلسفي ۽ سماج سڌارڪ ديوان ديا رام گدومل حيدرآباد ۾ گهريلو هنر بابت ماڻهن ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ
صنعتي ايسوسيئشن جو بنياد وڌو.
2 جون 1917 ۾ شهري ايسوسيئشن حيدرآباد پاران ٻين سالگرهه جي موقعي تي صدارتي خطاب سيٺ هرچند راءِ وشنداس ڪيو .ان موقعي تي ڪرمچند،گرمڪداس،گوپال داس ،پرسورام ۽ ٻين تقريرون ڪيون.
2 جون 1948 تي سرڪار پاران اخبارن الوحيد ۽ سنڌ آبزرور تي پابنديءَ جي پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ڪائونسل مذمت ڪئي.
2 جون 1958 ۾ وزير اعظم فيروز خان نون، خان عبدالغفار خان تي الزام هڻندي چيو ته هو ون يونٽ جي مخالفت ڪري پختونستان ٺاهڻ چاهي ٿو.
2 جون 1973 تي سنڌ جي مڪاني حڪومت کاتي جي وزير ڄام صادق علي الزام لڳائيندي چيو ته پير پاڳارو مون کي مارائڻ چاهي ٿو.
2 جون 1979 ۾ غوث بخش بزنجو پاڪستان نئشنل پارٽي جو صدرچونڊيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے