15 جمعرات , نومبر 2018

نواز شريف کي عدليا ۽ فوج سان ويڙهه نه ڪرڻ جو چئي ڪهڙو ڏوهه ڪيو: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته نواز شريف کي فوج ناهي ڪڍيو، مان کيس فوج سان تڪرار کان روڪيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيڪسلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته مان نواز شريف کي عدليا ۽ فوج سان ويڙهه نه ڪرڻ جو چئي ڪهڙو ڏوهه ڪيو، مان پنهنجي حياتيءَ جا 34 سال هڪ اهڙي شخص سان وفاداري ڪئي، جنهن کي وقت اچڻ تي منهنجي وفاداري جو احساس نه ٿيو. چوڌري نثار چيو ته مان نواز شريف ۽ سنس خاندان جو مان رکيو ۽ رکڻ به چاهيان ٿو، هڪ سال تائين اهو حجاب رکيم ۽ وزارت ڇڏي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺس، چند ماڻهن منهنجي اعتماد کي ڇيهو رسايو، وقت آيو ته انهن مون سان بي وفائي ڪئي. هن چيو ته نواز شريف جي ساٿارين جو ذڪر ڪيان ته توهان جا هٿ ڪنن تي اچي ويندا، ياجوج مايوج ڳالهائيندا ته جواب ڏيڻ تي مجبور ٿيندس ۽ پوءِ منهنجو جواب کليل جنگ هوندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے