16 جمعہ , نومبر 2018

پروگرام چڻنگ | نجي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ غلط روايت آهي

نجي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ غلط روايت آهي
ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي: تعليمي ماهر
سرڪاري اسڪولن به تعليم دشمني وارو ڪردار ادا ڪيو: ڪي ايس ناگپال جون “چڻنگ” ۾ ڳالهيون
ڪراچي( رپورٽر )نجي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ غلط روايت آهي.علم حاصل ڪرڻ لاءِ مادري ٻولي جو وڌڻ ويجهڻ نهايت لازمي آهي.گڏيل قومن جي چارٽر مطابق مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو ويو آهي.ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي.اهڙو اظهار تعليمي ماهر ۽ استاد ڪي ايس ناگپال عوامي آواز ٽي وي جي تصوير سنديلي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام چڻنگ ۾ ڪيو.هن چيو ته تعليم کان سواءِ سنڌي قوم جي ترقي ناممڪن آهي، مادري ٻولي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.خانگي ادارن پاران مادري ٻولي ۾ نه پڙهائڻ مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي.جيستائين سنڌ جي ماڻهو تعليمي ميدان ۾ اڳتي نه ايندو تيستائين سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا.اڄ جي دور ۾ قومن جي ترقي جو راز تعليم ئي آهي.جنهن قوم وٽ تعليمي معيار بهتر ناهي اها بدنصيب قوم آهي.ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن کان پوءِ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ گهرجي،بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏيڻ ِ لازمي ۽ دنيا جو مڃيل ترين اصول آهي.گڏيل قومن جي چارٽر ۾به مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ کي اهميت ڏني وئي آهي.پهرين سرڪاري اسڪولن ۾ مادري ٻولين ۾ پڙهائڻ جو رواج هو، خانگي اسڪولن مادري ٻولي سان خراب حشر ڪيو آهي.سنڌي سماج ۾ تعليم جو هٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي،سرڪاري اسڪولن تعليم دشمني وارو ڪردار ادا ڪيو آهي،جنهن جي ڪري سرڪاري اسڪولن تان ماڻهن جو اعتماد ختم ٿي ويو.تعليمي ماهرن کي گڏيل طور سنڌ جي تعليم سڌارڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے