18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڪڍڻ: هٿرادو سازش طور پ پ کي بدنام ڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر سجاد حسين چانڊيو

Kadhan: Conspiracy against PPP is created to censure Party: Dr. Sajjad Hussain Chandio*بدين جي تڪ اين اي 230 تان چونڊ وڙهندڙ پ پ اميدوار داڪٽر سجاد حسين چانڊئي چيو آهي تھ 15 سالن کان هو اليڪشن ۾ حصو وٺندا پيا اچن هنن ڪڏهن بھ پنهنجي ماڻهن سان ناتو ناهي ٽوڙيو.

ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن  ۾  ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سجاد حسين چانڊئي چيو آهي تھ هو هميشھ پنهنجي عوام جي وچ ۾ رهياآهن، هميشھ هتان جي عوام سان رابطو رهيو آهي.

هن چيو تھ 15 سالن کان هو پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندا  پيا اچن، هن وقت هٿرادو سازش طور پ پ کي  بدنام ڪيو ويو آھي.

سندس چوڻ  هو  تھ  هنن جو منشور آهي تھ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي هو تعليم ، صحت ۽ صاف پاڻي جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيندا.

هوڏانهن  يوسي مٺو خان چانڊيو جي يوسي ڪائونسلر عبدالستار چانڊيو مرزا گروپ ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

چانڊيا برادري سميت ٻين برادرين سندس حمايت جو اعلان  پڻ ڪيو.

ان موقعي تي  رئيس عنايت خان چانڊيو،  اميد علي چانڊيو،  ڊاڪٽر عرفان الهڏنو چانڊيو، نورمحمد ملاح ، نعيم الدين ڀنڀري ۽ ٻين ساڻس ملاقات ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن  جي ڪلارڪ   خلاف  بيروزگار نوجوان  جو  احتجاج

ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن عملدارن  خلاف  بيروزگار  احتجاج ڪيو . نوجوان عنايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے