14 بدھ , نومبر 2018

ڊيرا اسماعيل خان جي حيات الله پاڙي مان 8 نوجوان پُراسرار نموني گم

8 young mysterious samples lost from Dera Ismail Khan's life's lifeڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي شهر ڊيرا اسماعيل خان جي حيات الله پاڙي مان 8 نوجوان پراسرار نموني گم ٿي ويا. پوليس موجب 20 جون کانپوءِ ٿاڻي ۾8 گم ٿيل ڇوڪرن جي وارثن مختلف ڏينهن ۾ رپورٽ داخل ڪرائي. ان حوالي سان آخري رپورٽ گذريل ڏينهن داخل ڪرائي وئي. گم ٿيل ڇوڪرن جي وارثن ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندن ٻار 20 جون واري ڏينهن مختلف وقتن دوران گم ٿيا ۽ گهر واپس ناهن آيا. گم ٿيل ڇوڪرن جي عمر 15 کان 20 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وئي آهي. جن ۾ گهڻي قدر شاگرد شامل آهن. پوليس شروعاتي رپورٽ داخل ڪندي جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن علائقي واسين جو خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو نوجوان گهروارن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪنهن ٽور تي نڪري ويا هجن، پر ان حوالي سان حتمي طور ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے