17 ہفتہ , نومبر 2018

برطانوي راڻيءَ پاران ٽن پاڪستاني نوجوانن لاءِ ”ڪوئنزنگ ليڊرز “ ايوارڊ

برطانوي راڻيءَ پاران ٽن پاڪستاني نوجوانن لاءِ ”ڪوئنزنگ ليڊرز “ ايوارڊلنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي راڻي الزبٿ ٻه جي طرفان ٽن پاڪستاني نوجوانن کي سماجي خدمتون انجام ڏيڻ تي ”ڪوئنزينگ ليڊر“ ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي . گذريل ڏينهن شاهي محل بڪنگهم پيلس ۾ ڪوئنز ينگ ليڊرز ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني نوجوانن هارون ياسين، حسن مجتبيٰ ۽ ماهه نور سيد کي ڪوئنز ينگ ليڊرز ايوارڊ ڏنو ويو. ڪوئنزينگ ليڊرز ايوارڊ جي تقريب ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي انهن سمورن نوجوانن کي اعزاز سان نوازيو ويو جيڪي معاشري ۾ مثبت تبديلي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهو ايوارڊ ڪامن ويلٿ گروپ جي ميمبر ملڪن جي اهڙن نوجوانن جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي جن جي عمر 18 کان 29 ورهين ۽ هو پنهنجي ڪميونٽي ۾ ڪو اهم سماجي ڪم جو سرانجام ڏيندا هجن. جيڪي ڪنهن کي جيئڻ جو صيحيح رستو ۽ اميد ڏيکاريندا هجن. ياد رهي ته پاڪستاني نوجوان حسن مجتبيٰ زيدي ڊسڪورنگ نيو آرٽسٽس جو باني آهي جيڪو آرٽ ذريعي ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي اُڀاريندا آهي. هو ٻارن کي مفت آرٽ ٽريننگ ڏيندو آهي ان سان گڏ جيڪي شاگرد تعليمي خرچ برداشت ناهن ڪري سگهندا انهن کي تعليم پڻ فراهم ڪندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے