20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ايندڙ عام چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جا مهانگا ترين بيلٽ پيپر استعمال ٿيندا

In the next general election, the most commonly used belt papers of the history will be usedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 25 جولائي 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جا مهانگا ترين بيلٽ پيپر استعمال ٿيندا جنهن خاصيت ان تي واٽر مارڪ جي موجودگي آهي. اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ بيلٽ پيپرن لاءِ ڪاغذ پرڏيهه مان گهريا آهن ۽ پهريون ڀيرو بيلٽ پيپرن تي واٽر مارڪ نظر ايندو.  21 ڪروڙ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي تي 2 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ايندو ۽ اهي بيلٽ پيپر ملڪي تاريخ جا سڀ کان مهانگا بيلٽ پيپر هوندا.  اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن ۽ ريٽرننگ آفيسرن سان لاڳاپيل تڪن جي بيلٽ پيپرن جو انگ گهري ورتو آهي.  ذريعن موجب الڪيشن ڪميشن سمورن ڊي آر او ۽ آر او کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي تڪن جي ووٽرن جو انگ 30 جون تائين جمع ڪرائن. ذريعن چيو آهي ته بيلٽ پيپرن ”رائونڊ فيگر“ ۾ ڇاپيا ويندا، مثال طور ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي 1201 ووٽرن هئڻ جي صورت ۾ 1300 بيلٽ پيپر ڇاپيا ويندا. اليڪشن ڪميشن موجب پهرين جون کان اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي پرنٽنگ پريس بيلٽ پپيرن جي ڇپائي جو شروعات ڪندي ۽ اهو عمل فوج جي نگراني ۾ ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب مون تي ڪيس ڪري پڇتائيندي: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب مون تي ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے