20 ہفتہ , اپریل 2019

قومي سلامتي ڪونسل جي صلاحڪار ناصر جنجوعا عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

National Security Council consultant Nasir Jasawah left resignationاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي وارن معاملن بابت صلاحڪار جنرل (ر) ناصر جنجوعا پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.تفصيل موجب نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ سندس استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي، قومي سلامتي بابت صلاحڪار گذريل رات پنهنجي استعيفيٰ نگران وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي هئي.ياد رهي ته قومي سلامتي وارن معاملن جي صلاحڪار جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ هو ڪور ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.فوج تان رٽائرمينٽ کانپوءُ کيس اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ اهو اهم عهدو حوالي ڪيو ويو هو.ناصر جنجوعا 2013 ۾ ڪوئيٽا ۾ ڪور ڪمانڊر مقرر ٿيو ۽ چيو ويندو آهي ته هن بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ سندس ريٽائرمنٽ بعد حڪومت کيس سلامتي ڪونسل جي صلاحڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے