21 بدھ , نومبر 2018

 ن ليگ پاران اميدوارن جي گرفتارين وارو معاملو چيف اليڪشن ڪمشنر اڳيان اُٿارڻ جو فيصلو

The decision to be held by candidates by the PML-N decided to make the decision before the Chief Election Commissionerلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن قيادت پارٽي اميدوارن جي گرفتارين وارو معاملو چيف اليڪشن ڪمشنر جي اڳيان اُٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي. قومي احتساب بيورو(نيب) گذريل ڏينهن قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 59 تان چوڌري نثار جي مقابلي ۾ بيٺل مسلم ليگ ن اميدوار قمر السلام کي گرفتار ڪيو جنهن کي صاف پاڻي ڪمپني اسڪينڊل ڪيس ۾ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ ن سربراهه نواز شريف گذريل ڏينهن پارٽي اڳواڻن کي نيب جي ڪاروائين خلاف احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن ان حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن تحت پارٽي چيئرمين راجا ظفر الحق جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا سان ملاقات ڪندو. ن ليگ جي وفد ۾ مشاهد حسين، احسن اقبال ۽ زاهد حامل شامل هوندا جيڪي چيف اليڪشن ڪمشنر سامهون پنهنجي اميدوارن جي گرفتارين وارو معاملو اُٿاريندا. مسلم ليگ ن اميدوارن جي گرفتارين جي سلسلي کي وقت کان اڳ چونڊ ڌانڌلي قرار ڏيندي فوري طور گرفتاريون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے