17 ہفتہ , نومبر 2018

اپيلٽ ٽريبونل  اين اي 57 تان شاهدخاقان عباسيءَ جا نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيا

Appeal Tribunal rejected the nomination form of Shahid-khaqan Abbasi NA-57راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ايپليٽ ٽريبيونل اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري  ڇڏيا. روالپنڊي جي اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس عباد الرحمان لوڌي پي ٽي آءِ ڪارڪن مسعود احمد عباسي جي طرفان شاهد خاقان عباسيءَ نامزدگي ڪاغذن خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ٻه ڏينهن اڳ ان فيصلي کي محفوظ ڪيو هو. اعتراض ڪندڙ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ريٽرننگ آفيسر کي ڏنل ريڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جي ۽ ملڪيت جا صيحيح تفصيل ناهن ڄاڻايا. اعتراض ڪندڙ چيو آهي ته شاهد خاقان جو لارنس ڪاليج جي جهنگ تي قبضو آهي، سندس ڪاغذن ۾ ايف سيون ٽو ۾ گهر جي قيمت به گهٽ ڄاڻائي آهي، نامزدگي ڪاغذن ۾ پهريان 100 رپين وارو اسٽامپ پيپر لاڳايو ويو هئا ۽ بعد ۾ 500 رپين وارو پيپر لڳايو ويو. اليڪشن ايپليٽ ٽربييونل درخواست گذار جا سمورا اعتراض منظور ڪندي اڳوڻي وزيراعظم جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.ياد رهي ته شاهد خان عباسي اسلام آباد مان قومي اسمبلي جي تڪ اين 57 تان به ن ليگ جو اميدوار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے