19 پیر , نومبر 2018

سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي گروپ چيٽ ويڊيو ڪال جي سهولت اڄ کان موجود

The group chat video call facility on the social media app presentڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪائپ، فيسبڪ ۽ ٻين اپيلڪيشن جيان انسٽاگرام تي به هاڻ گروپ ويڊيو چيٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. ٽيڪنالوجي ويب سائٽ ميشن ايبل جي رپورٽ موجب انسٽاگرام نئون گروپ ويڊيو چيٽ فيچر اڄ کان متعارف ڪرائي رهيو آهي جنهن هڪ ئي وقت 4 ڄڻا ويڊيو چيٽ ڪري سگهندا. گروپ ويڊيو فيچر ۾ به ڊائريڪٽ ميسج جي سيڪشن ۾ موجود هوندو جتان کان ويڊيو گروپ ڪال ڪري سگهبي . ان فيچر ۾ اضافي سهولتون فراهم ڪيو ويون آهن، جنهن تحت چيٽ دوران آساني سان تصوير ۽ اسٽوريز پوسٽ ڪري سگهجن ٿيون يا وري انسٽاگرام فيڊز پڻ برائوز ڪري سگهجن ٿيون. فلحال ان کي آزمائشي فيچر طور ڪجهه واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته امڪان آهي ته سڀاڻي تائين ان کي سمورا واپيدار استعمال ڪري سگهندا. ياد رهي ته گذريل هفتي انسٽاگرام يوٽيوب ويڊيو ايپ کي شڪست ڏيڻ لاءِ آءِ جي ٽي وي فيچر پڻ متعارف ڪرايو هو جنهن تحت واهپيدار انسٽاگرام تي پنهنجو ويڊيو چينل ٺاهي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے