16 منگل , اکتوبر 2018

هاڻي واٽس ايپ ڪهڙن سمارٽ فونن۾ نه هلندو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موبائيل ايپلي ڪيشن جي مشهور ترين ايپ”واٽس ايپ“ هاڻي پراڻن آئي فونن ۽ اينڊرائڊ سمارٽ فون تي نه هلندو. واٽس ايپ بلاگ پوسٽ موجب واٽس ايپ هاڻي ان تمام سمارٽ فون ۾ نه هلندو جنهن جو ورزن 2.3.7، نوڪيا ايس 40 هوندو يا وري آئي او ايس 7 هجي. بلاگ پوسٽ موجب پهرين فيبروري 2020 تائين مڪمل طور تي واٽس ايپ پراڻن ورزن تي ڪم نه ڪندو. گوگل فگر( Google Figure )موجب هاڻي به 0.3 سيڪڙو اينڊرائڊ ديوائس پراڻي ورزن تي هلي رهيو آهي، جيڪي تقريبن 6 ملين ٽيبلٽس ۽ سمارٽ فون ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. اهي صارفين جيڪي ان سسٽم کي استعمقال ڪري رهيا آهن اهي هاڻي ان تي ڪو نئو اڪائونٽ نٿا ٺاهي سگهن،  پر هو پنهنجي اڪائونٽ کي مقرر تاريخ تائين جاري رکي سگهن ٿا.

واٽس ايپ هيٺين ورزن تي بلڪل نه هلندو.

اينڊرائڊ ورزن 2.33

ونڊو فون 8.0 يا ان کان پراڻي

آئي فون 3 جي ايس / آئي او ايس 6

نوڪيا سمبيان ايس 60

بليڪ بيري او ايس ۽ بليڪ بيري 10

2 سالن تائين قابل استعمال ورزن

 اينڊرائڊ ورزن 2.3.7 يا ايس کان پراڻي ورزن ۽ آئي او ايس 7 ۽ ان کان پراڻي ورزن تي 2 سالن تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان کان سواءِ واٽس ايپ ۾ نوڪيا ايس 40 ۾ هلندڙ سال جي آخر 31 ڊسمبر تائين ڪم ڪري سگهندو، جڏهن ته ڪجهه اهڙا به ورزن آهن جنهن کي صرف اپ ڊيٽ ڪرڻ سان واٽس ايپ استعمال ڪري سگهبو، جنهن ۾ اينڊرائڊ 4.0+آئي فون آئي او ايس 8 پلس ونڊوز فون 8.1 پلس شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيسبڪ تي وڌيڪ هڪ سائيبر حملو، 3 ڪروڙ واهپيدارن جي معلومات چوري

نيويارڪ  (ويب ڊيسڪ) فيسبڪ چيو آهي ته مٿس هڪ وڏيو سائيبر حملو ٿيو آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے