21 بدھ , نومبر 2018

چونڊن ۾ اڳڪٿين تي ٻڌل رپورٽنگ نه ٿيندي: ميڊيا لاءِ ظابطه اخلاق جاري

Pregnant reporting on election will not be held: Code of Conduct for Media continuesاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن جي موقعي ته ميڊيا لاءِ  ظابطه اخلاق ۽ گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ظابطه اخلاق موجب ميديا چونڊن دوران عوام کي درست آگاهي فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي. ظابطه اخلاق ۾ پابند ڪيو ويو آهي ته ميڊيا عوام کي سياسي جماعتن، اميدوارن، چونڊ مهم ۽ ووٽنگ کان آگاهه ڪندو جڏهن ميڊيا متوازن ۽ غير جانبدار رپورٽنگ جو پابند هوندو، ٽاڪ شوز، نيوز ۽ ڪرنٽ افيئر پروگرامن ۾ ڪنهن اميدوار يا جماعت سان متعصباڻو رويو نه رکيو ويندو. ظابطه اخلاق ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته اميدوار يا جماعت جي مخالفت يا جانبداري جا پروگرام نشر نه ٿي سگهندا. اليڪشن ڪميشن موجب افواهن ۽ اڳڪٿين تي ٻڌل رپورٽنگ نه ڪئي ويندي، چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ عوام ۾ بي چيني پيدا ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ظابطه اخلاق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ميڊيا برداشت کي فروغ ڏيڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندو ۽ ڪنهن مذهب، عقيدي، ذات کي نشانو بڻائڻ بابت مواد شائع يا نشر نه ڪندو. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل ظابطه اخلاق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيا جي خلاف پُرتششد ڪاروائين، ڊريڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ڪنهن کي نقصان پهچائڻ تي اختياريون مڪمل جاچ جون پابند هونديون، جڏهن ته اميدوار، سياسي جماعتون ۽ حڪومتي اختياريون ميڊيا جي اظهار جي آزادي واري حق جو احترام ڪنديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے