18 اتوار , نومبر 2018

عدالت جو ميئر لاهور کي پنهنجي نگراني ۾ شهر مان حددخلين جي خاتمي خلاف آپريشن ڪرائڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) شهر مان حددخلين جي خاتمي جي درخواست ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ لاهور جي ميئر کي پنهنجي نگراني ۾ روڊن تان حددخلين جي خاتمي جي لاءِ فوري آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب شهر مان حددخلين جي خاتم جي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس علي اڪبر قريشي ڪئي. ان موقعي تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته شهر جي جنهن به روڊ تي نڪرو هر پاسي حددخلين جي ڀرمار آهي. جنهن تي عدالت روڊن تان حددخلين جي خاتمي جي لاءِ فوري آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ لاهور جي ميئر کي هدايت ڪئي ته توهان سڀاڻي کان پنهنجي نگراني ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن ڪرايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے