17 ہفتہ , نومبر 2018

مير شڪيل توهين عدالت ڪيس: سپريم ڪورٽ جو سڀاڻي تائين لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرائڻ جي مهلت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ خانگي ٽي وي چينل جي مير شڪيل کي سڀاڻي تائين پنهنجو لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب  چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ خانگي ٽي وي جي مالڪ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته مير شڪيل سڀاڻي تائين پنهنجو لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرائي، فيصلو ڪنداسين معافي قبول ڪنداسين يا توهين عدالت جو نوٽيس ڏيو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته معاملو هاڻ توهان ۽ عدالت جي وچ ۾ آهي، هاڻ درخواستگذار جو ان معاملي سان ڪو به تعلق ناهي رهيو. چيف جسٽس چيو ته وڏو ادارو توهان کي ريليف ڏئي رهيو آهي پر توهان سٺو صلو ڏنو، توهان جج جي لاءِ بيهوده تائين جا لفظ استعمال ڪيا، توهان اِهو  ڪيس وڙهڻ چاهيو ٿا ته ضرور انصاف ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته توهان عدالت کي ڪهڙي شئي جي ڌمڪي ڏني، توهان جج جي خلاف ريفرنس داخل چاهيو ٿا ته ضرور ڪيو.  جسٽس فيصل عرب چيو ته تاثر ويو عدالت جو جج ڪا ڳالهه ڪر ته توهان ڪيس ڪندا، توهان شايد ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته وڏي شخصيت ۽ عدلت ڪهڙي شئي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته لکت ۾ معافي نامي جي لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو، خدا جي لاءِ هن اداري کي آزادي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، توهان جي هڪ ذميواري بڻجي ٿي ماڻهن جون عزتون خراب نه ڪيو، رات جو توهان جا وڏا وڏا اينڪر تذليل ڪندا آهن.  عدالت مير شڪيل کي اڻ سلهاڙيل معافي گهرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے