21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سنڌ جي درد کي پنھنجو درد سمجھي ھر سازش جو مقابلو ڪبو: اقبال ملاح

Understand the pain of Sindh as a pain, every conspiracy will be heldروزاني عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح چيو آهي ته سرڪار صحافتي ادارن جا ڪروڙين رپيا روڪي ميڊيا جي آزاديءَ ۾رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

بدين ۾عوامي آواز ميڊيا گروپ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾عوامي آواز ميڊيا گروپ ضلعي بدين جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر رازق ڏني کوسي سميت سمورن نمائندن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اقبال ملاح جو چوڻ هو ته عوامي آواز سٿ جا سمورا ساٿي ھڪ ڪٽنب جيان ڳنڊيل آھن.

هن چيو ته هو سنڌ جي درد کي پنھنجو درد سمجھي ھر ان سازش جو مقابلو ڪندا جيڪا ميڊيا ھائوسز خلاف هوندي.

سندس چوڻ هو ته صحافتي ادارن کي رهتون نه ملڻ سبب ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ساٿي پگھارون نه ٿيڻ ڪري پريشانين جو شڪار ٿي رهيا آهن.

اقبال ملاح جو چوڻ هو ته هوسنڌ جي مالڪي ۽ سنڌ جي دردن کي رپورٽ ڪرڻ جي ڏوھه ۾سزا ڀوڳي رهيا آهن پر سندن حوصلا بلند آھن، هو سدائين مظلوم ماڻھن جو آواز بڻيل رهندا.

ان موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ضلعي رپورٽر رازقڏنو کوسو چيو ته هو عوامي آواز کي جھر جنگ پھچائڻ لاءِ ڪوشان آهن، عوام پنهنجو آواز ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ عوامي آواز سان رابطو ڪري ٿو.

گڏجاڻي ۾ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو، عيدن زيندپور، ھارون کٽي، ھريش ڪمار، اسلم آزاد، حنيف انصاري، رستم ڪھيري، بابو کوسو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے