18 اتوار , نومبر 2018

هر هال ۾ حددخليون ختم ڪبيون، ڪم صحيح نه ٿيو ته ٺيڪيدار فارغ ڪبا: ڪراچي جو ميئر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ميئر وسيم اختر جو چوڻ آهي ته روڊ تي جيڪي حددخليون قائم آهن انهن کي هر حال ۾ ڊاهي پٽ ڪندس ۽ جيڪڏهن ڪم درست نه ٿيو ته ٺيڪيدار کي فارغ ڪندس، وڏن نالن کي اسان ڪليئر ڪنداسين ۽ ننڍا نالا ڊي ايم سي صاف ڪندي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي نالن جي صفائي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر گجر نالي تي پهتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته گجر نالي کي ڪي ڊي اي کان ڪي ايم سي جي حوالگي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو، پي ٽي سي ايل، واٽر بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن پنهنجا پائيپ هٽائي اسان نالن تان حددخليون به ختم ڪنداسين. هن ڌيڪ چيو ته نالن جي صفائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، 41 نالا آهن جن کي صاف ڪيو پيو وڃي، وڏن نالن کي اسان ڪليئر ڪنداسين جڏهن ته ننڍن نالن کي ڊي ايم سي صاف ڪندي. سپريم ڪورٽ پابند ڪيو هو ته نالن ۾ ڪچرو نه اچڻ گهرجي، عدالت جو حڪم آهي ته پڪوان سينٽرن جو ڪچرو به نالن ۾ نه اچڻ گهرجي، نالن تي چوڪنگ پوائنٽ بڻجي رهيا آهن هو سالڊ ويسٽ جي حصي ۾ ايندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے