19 پیر , نومبر 2018

ڪالا باغ ڊيم سان ملڪي اتحاد تي خراب اثر پيا ته ٻئي آپشن ڏانهن وڃڻو پوندو: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم سان صوبن جي اتحاد تي خراب اثر پيا ته ٻئي آپشن تي وڃڻو پوندو.  پاڻي جي بحران ۽ ڊيمن جي تعمير تي ماهرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي پاڪستان جي بقا جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، پاڻي جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، اسان کي ان معاملي جي لاءِ گهڻو  سنجيده ٿيڻو پوندو ۽ انشا الله ملڪ جي بهترين مفاد ۾ مسئلن جو حل نڪرندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ميڊيا ان مسئلي کي ايتري اهميت ناهن ڏئي رهيا، اسان ڪالا باغ ڊيم تي شمس الملڪ صاحب کي ٻڌنداسين، ڪالا باغ ڊيم سان صوبن جي اتحاد تي اثر پوندا آهن ته ٻئي آپشنز ڏانهن وڃڻو پوندو، شمس الملڪ صاحب سان ٻئي آپشن جو معلوم ڪنداسين، اهو به پڇنداسين ته فنڊن جي لاءِ ڪهڙا انتظام ڪري سگهن ٿا؟ جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيمز اڄ بڻائڻ شروع ڪيو ته ڪڏهن مڪمل ٿيندا؟ پاڙيسري ملڪ جا ڊيم بڻائڻ سان پاڪستنا تي گهڻا اثر پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے