17 ہفتہ , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث جا دليل مڪمل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث دليل مڪمل ڪري ورتا. شريف خاندان جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث ڪيس ۾ پنهنجا حتمي دليل ڏيندي چيو ته فرياد ثابت ناهي ٿي سگهيو ته ٻار نواز شريف جي ڪفالت هيٺ آهن، واجد ضيا به چيو ته ٻارن جي ڪفالت ٿيڻ جا ثبوت ناهن. هن چيو ته واجد ضياءَ اهو به تسليم ڪيو ته ميان شريف ٻارن کي خرچي ڏيندو هو. نواز شريف جي وڪيل چيو ته اسان کي بچاءَ جي ضرورت ناهي، اسان جي خلاف هڪ به شئي ثبت ڪيو ته دفاع پيش ڪنداسين. خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته اِهو بريت جو ڪيس آهي ڇو ته ان ڪيس ۾ ڪابه شهادت پيش ناهي ڪئي وئي. پنهنجا دليل مڪمل ڪرڻ تي عدالت جا ٿورا مڃيا جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر به خواجا حارث کي دليل مڪمل ڪرڻ جون واڌايون ڏنيون. سردار مظفر چيو ته جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي ته معافي جو طلبگار آهيان. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز سڀاڻ حتمي دليلن جو آغاز ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے