13 منگل , نومبر 2018

عمران خان 5 تڪن تان چونڊ وڙهندو ۽ ڪامياب ٿيندو: بابر اعواڻ

Chhattisgarh has gone away with a bunch, a thunderbolt will be held in the election: Babar Awanاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته سمورا شينهن گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ عمران خان کي وزيراعظم بڻائين، عمران خان 5 تڪن تان چونڊ وڙهندو ۽ ڪامياب ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته شاهد خاقان ايل اين جي کانپوءِ ڪاغذن ۾ ٻه نمبري ڪئي، صاف پاڻي ڪيس ۾ شهباز شريف جو ڪردار سڀني کان خراب آهي، شريف خاندان جي ڪيسن تي فوري طور فيصلو اچڻ گهرجي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سياسي پارٽين خلاف ميڊيا ٽرائل ۾ استعمال ٿيا، واعدو ڪيو هو ته عمران خان جا 5 تڪن تان ڪاغذ منظور ٿيندا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ڪيل واعدو پورو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ فوري طور ٻن ڪمن جي ضرورت آهي، سرڪاري عهدن تي ويٺن سياسي ماڻهن جي ڇاڙتن کي ڪڍيو وڃي، سڀ کان پهريان ايس ايڇ اوز کي هٽايو وڃي، اطلاع آهن ته سڀ کان وڌيڪ سيٽن تي اسان اميدوار بيهاريا، پنجاب جي قومي اسيمبلي جي رڳو 7 سيٽن تي ايڊجسٽمينٽ ڪئي، صوبائي اسيمبلي جي 12 يا 13 سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے