19 پیر , نومبر 2018

قوم ڪرپشن فري ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ  ايم ايم اي تي اعتماد ڪري: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ايم ايم اي ۾ شامل پارٽين جا سربراهه ڪرپشن کان پاڪ آهن. تفصيل موجب سينيٽر سراج الحق دعويٰ ڪئي آهي ته وڌندڙ بدعنواني جي هن دور ۾ ايم ايم اي ڪرپشن کان پاڪ آهي. هن چيو ته قوم ڪرپشن فري ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ ايم ايم اي تي اعتماد ڪري، اهو اتحاد هنن جي اميدن تي پورو لهندو. هن وڌيڪ چيو ته توانائي بحران گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڊيمن جي ضرورت آهي. ڪالا باغ ڊيم تڪراري بڻجي ويو آهي البت ان جو متبادل ڊيم موجود آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو متبادل ڊيمن تي ڪم ڪري، ان کي ترجيح ڏئي جيئن اهو مسئلو حل ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ گهٽتائي عالمي معاشي بحران جي اڳڪٿي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) رڳو 6 هفتن دوران عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے