17 ہفتہ , نومبر 2018

ن ليگ ڪلثوم نواز جي بيماري تي سياسي ڊرامو پئي ڪري: پ پ ۽ تحريڪ انصاف جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ۽ پ پ الزام مڙهيو آهي ته ن ليگ ڪلثوم نواز جي بيماري تي سياسي ڊرامو ڪري رهي آهي، شريف خاندان طرفان ڪلثوم نواز جي بيماري بابت ڪا ميڊيڪل رپورٽ جاري ناهي ڪئي وئي پر اهي سندس بيماري پويان لڪي رهيا آهن، مريم نواز وڏا وڏا سن گلاسز لڳائي سياسي بيان ڏئي رهي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا چيو ته ڪلثوم نواز تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ سياسي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي، جيڪڏهن منهنجي ماءُ جي اهڙي طبعيت هجي ته اسان سڀ ڪجهه ڇڏي روئڻ شروع ڪري ڇڏينداسين پر مريم نواز وڏا وڏا سن گلاسز لڳائي سياسي بيان ڏئي رهي آهي، اهو سڀ ڊرامو آهي، جيڪڏهن سچ آهي ته ان کي لڪايو ڇو پيو وڃي. پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو ته ڪلثوم نواز بابت اعتزاز احسن جي ريمارڪس تي اتفاق ڪيان ٿي، اهي سڀ لڪي رهيا آهن ۽ ڪلثوم نواز جي بيماري تي سياست ڪئي پئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے