19 منگل , فروری 2019

اڃا ته ملڪيت به ضبط ناهي ٿي ۽ ننڍو ميان گانا پيو ڳائي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته اڃا ته شريف فيملي جي ملڪيت  به ضبط ناهي ٿي ۽ ننڍو ميان گانا پيو ڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته شهباز شريف  بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي جڏهن ته اڃان ته سندن ملڪيت به سيل ناهي ٿي. مولا بخش چانڊيو چيو ته  ننڍو ميان گانا ڳائي گهڻو ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته شريف فيملي جي خلاف اڃا ته رڳو جاچ هلي رهي آهي، اڃا ته ملڪيت به ضبط ناهي ٿي ۽ نه ئي اڪائونٽ فريز ٿيا آهن. هن چيو ته صاف پاڻي ۽ آشيانا ڪيس شهباز شريف جا هوش خطا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري هو ڪراچي ۾ اچي گانا ڳائڻ لڳو آهي، لڳي ٿو ته هو ڏک لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجه سعد ۽ سلمان رفيق کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے