13 جمعرات , دسمبر 2018

اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان سميت سبي ۾ فورسز جو آپريشن، پنج شڪي گرفتار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن رد الفساد تحت اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان سميت سبي  ۾ آپريشن ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو جڏهن ته پنجن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن رد الفساد ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز طرفان ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪري بارودي سرنگهون ۽ 81 مارٽر گولا هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪارروائي دوران آر پي جي سيون راڪيٽ به هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي زمين هيٺ لڪايا ويا هئا. ترجمان موجب بوچستان جي علائقي سبي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪري پنجن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے