17 ہفتہ , نومبر 2018

پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گري لسٽ ۾ شامل

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ايف اي ٽي ايف جي گري ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن تي نظر رکندڙن واري تنظيم ايف اي ٽي ايف جو پئرس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ خلاف پاڪستان جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن تي روشني وڌي. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان 27 صفحن تي ٻڌل دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي بابت قدمن تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي آهي. جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ ٻين ٽولن خلاف آپريشن بابت به آگاهه ڪيو ويو. ايف اي ٽي ايف پاڪستان جو جواب رد ڪندي سندس نالو گري ملڪن جي لسٽ ۾ شامل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس 29 جون تائين جاري رهندو، جولاءِ ۾ ايف اي ٽي ايف جي هڪ وفد طرفان پاڪستان جي دوري جو به امڪان آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي مالي مدد خلاف ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو پاڪستان به پهريون به 2 ڀيرا گري ملڪن ۾ شامل رهيو آهي. ايف اي ٽي ايف هڪ عالمي ادارو آهي جنهن جو مقصد اهڙن ملڪن تي نظر رکڻ ۽ اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ هوندو آهي جيڪي دهشتگردي خلاف عالمي ڪوششن ۾ سهڪار نه ٿا ڪن. گري لسٽ ۾ اهڙن ملڪن کي شامل ڪيو ويندو آهي جيڪي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ لاءِ مناسب اپاءَ نه وٺندا آهن جڏهن ته بليڪ لسٽ ۾ اهڙن ملڪن کي شامل ڪيو ويندو آهي جيڪي دهشتگردن جي مالي مدد ڪندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي معاملو: جي آءِ ٽي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اعظم سواتي معاملي تي قائم جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے