19 پیر , نومبر 2018

مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا افضل کي ووٽ گهرڻ مهانگو پئجي ويو

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد جي تڪ اين اي 110 نورپور جي عوام مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا افضل کي ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا افضل کي پنهنجي ئي تڪ جي عوام کان ووٽ وٺڻ مهانگو ثابت ٿيو آهي.عوامي مهم دوران مسلم ليگ ن اڳواڻ پنهنجي ئي تڪ ۾ ووٽ گهرڻ لاءِ پهتو ته عوام مٿس سوالن جي برسات ڪري ڇڏي ۽ راڻا افضل خلاف شديد احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا افضل چيو ته توهان ٻڌايو ته ڪارڪردگي ۾ ڪهڙي کوٽ رهجي وئي آهي. مظاهرين چيو ته توهان تڪ ۾ پنجن سال اڳ آيا هئا، اڄ وري ووٽ گهرڻ لاءِ پهچي ويا آهيو.اين اي 110 جي تڪ جي عوام مسلم ليگي اڳواڻ رانا افضل کي عام چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے