17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾سپر هاءِ وي ۽ ملير سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. موسميات کاتي شهر ۾ خميس کان ڇنڇر تائين برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جنهن تحت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي جڏهن ته ايئرپورٽ، ملير ۽ رزاق آباد ۾ به برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. شارع فيصل تي به هلڪي برسات پئي جنهن سبب ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون سلپ ٿي ويون. موسميات کاتي شهر ۾ برسات دوران تيز هوائون هلڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ برسات سان گڏ تيز هوائون هلي سگهن ٿيون، جنهن جي رفتار 25 کان 45 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهڻو تيز برسات جو امڪان ناهي. موسميات کاتي موجب جولاءِ کان 15 آگسٽ تائين معمول جي برسات جو امڪان آهي ۽ 15 آگسٽ بعد معمول کان گهٽ برسات جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظلم جو نشانو بڻجڻ جي باوجود ڪڏهن به انتقام جي سياست ناهي ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ظلم ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے