18 اتوار , نومبر 2018

ڀارتي شهر ممبئي ۾ چارٽرڊ جهاز ڪري تباهه، پائليٽ سميت پنج ڄڻا فوت

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي شهر ممبئي ۾ هڪ ننڍو چارٽرڊ جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پائليٽ سميت پنج ڄڻا فوت ٿي ويا. هندستان ٽائيمز موجب ممبئي ۾ جوهو ايرو ڊروم تان اڏام ڪندڙ چارٽرڊ جهاز سارووڊي نگر ويجهو لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو. رپورٽ موجب اڏاوتي سائيٽ تي ڪرڻ سبب جهاز ۾ باهه لڳي وئي، حادثي ۾ فوتين ۾ پائليٽ، 3مسافر ۽ هڪ واٽهڙو شامل آهي.  رپورٽس موجب حادثي جو شڪار ٿيل 12 سيٽن وارو جهاز اتر پرديش جي حڪومت جو هو، جيڪو1995ع کان استعمال ڪيو پئي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے