20 منگل , نومبر 2018

طلال چوڌري توهين عدالت ڪيس چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد

Talal Chaudhry: The court has rejected the petition filed by the talalاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ طلال چوڌري توهين عدالت ڪيس چونڊن کانپوءِ تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته توهان ڪيس هلايو، توهين عدالت نه ڪئي ويندي ته ڪجهه نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ طلال چوڌري بابت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران طلال چوڌري جي وڪيل چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾عدالت صبر جو مظاهرو ڪري، جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته عدالت ڪهڙي بنياد تي صبر جو مظاهرو ڪري، توهان جي اصيل ڪڏهن معاملي کي نظرانداز ڪرڻ جي درخواست ئي نه ڪئي آهي، اسان وٽ معاملو نظرانداز ڪرڻ جو ڪو به بنياد ناهي، طلال چوڌري کي پاڻ احساس ٿيڻ گهرجي.طلال چوڌري جي وڪيل چيو ته هڪ ڪيس ۾ معافي وٺرائڻ جو تجربو سٺو نه رهيو آهي، سموري معاشري جي عزت عدليه سان ئي آهي، ڪيس کي چونڊن بعد ڪنهن ڏينهن ٻڌڻي لاءِ رکيو وڃي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست پهريون رد ڪري چڪا آهيون، توهان تجربيڪار وڪيل آهيو، توهان ڪيس هلايو توهين عدالت نه ڪئي هوندي ته ڪجهه نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے