16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪستان ۽ ڀارت جي هاڪي ميچ فڪس هئي: زاهد شريف جي دعويٰ

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي اولمپيئن زاهد شريف الزام هنيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ چيمپئنز ٽرافي جي ميچ فڪس هئي، ڀارت مان ڪوچنگ ڪري آيل هيڊ ڪوچ رولنٽ آلٽمنز اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ زاهد شريف چيو ته ميچ هارائيندڙ ٽيم جي گول ڪيپر کي ٻاهر گهرائڻ فڪسنگ هو، چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ صدر ميچ جي جاچ ڪن. چيمپينز ٽرافي جي ميبنا فڪس ميچ ۾ پاڪستان کي ڀارت هٿان بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو هو، روايتي مخالف ڀارت چار گول ڪيا جڏهن ته پاڪستاني ٽيم ڪو به گول نه ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے