19 پیر , نومبر 2018

نيوز: قمبر: مغيري برادري جي ماڻهن  جو نوجوان ناري جي بازيابي لاءِ  احتجاج

Qambar: Protest by Mugheri community for the freedom of girl*قمبر ۾ مغيري برادري جي ماڻهن نوجوان ناري جي بازيابي لاءِ  احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر –لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

رهواسين عبدالقيوم مغيري ، نديم احمد، عبيد الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن  سان گڏجي قبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ چار ڏينهن اڳ  هنن  جي گهر مان هٿيارن جي زور تي الاهي بخش عرف مولائي سندن  19 سالن جي نوجوان ناري  شڪيلا کي اغوا ڪري  ويو هو.

هنن چيو تھ واقعي جو  ڪيس سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پي هن وقت تائين جوابدار گرفتار نھ ٿي سگهيا آهن.

هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ته جلد کان جلد  هنن جي اغوا ٿيل نياڻي واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: احڪومت جا 100 ڏينهن 100 ڪوڙ تي ٻڌل آهن: آصف زرداري جو ترجمان

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان عامر فدا پراچا چيو آهي ته فواد چوڌري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے