20 منگل , نومبر 2018

اسان جي ترجيح  شفاف چونڊون آهن، هر ضروري قدم کڻبو: حسن عسڪري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جو چوڻ آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ هر ضروري قدم کنيو ويندو ۽ ووٽرن کي پرامن ماحول ۾ حق راءِ استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو ته اسان جي ڪا به سياسي ايجنڊا نه ڪڏهن رهي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن هوندي، نگران حڪومت مڪمل طور تي غير جانبدار ۽ غير سياسي آهي اسان پنهنجي قومي ذميواري احسن طريقي سان ادا ڪري گهر هليا وينداسين. اسان رڳو صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ترجيح چونڊن جي شفاف ۽ پرامن شروعات کي يقيني بڻائن آهي، صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ  هر ضروري قدم کنيو ويندو ۽ ووٽرن کي پرامن ماحول ۾ حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے