18 اتوار , نومبر 2018

ايم ڪيو ايم ڪراچي مان اميدوارن جو فيصلو ڪري ورتو، عمران خان جي مقابلي ۾ علي رضا ميدان تي لٿل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چونڊن جي لاءِ ڪراچي مان پنهنجي اميدوارن جي نالن جو فيصلو ڪري ورتو. متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادر آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ پارتي  جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران رابطا ڪميٽي چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جي ڪراچي مان اميدوارن جي حتمي نالن جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي انتهائي اهم سيٽ اين اي 243 تان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي مقابلي لاءِ ايم ڪيو ايم علي رضا عابدي کي ميدان ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اين اي 246 لياري تان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ محفوظ يار خان کي ميدان ۾ لاٿو ويندو. اين اي 253 ۾ پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي مقابلي ۾ اسامه قادري کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر خالد مقبول صديقي اين اي 255 تان چونڊ وڙهندو جڏهن ته فاروق ستار اين اي 245 ۽ 247 تان چونڊ وڙهندو. خواجا اظهار الحسن صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 124 ۽ ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل پي ايس 127 تان چونڊ وڙهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے