16 جمعہ , نومبر 2018

چوڌري نثار جي خلاف ليگي اڳواڻ جو 11 سالن جو پٽ ميدان ۾ اچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اين اي 59 ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار قمرالاسلام جي گرفتاري بعد سندس 11 سالن جو پٽ ميدان ۾ اچي ويو. ڀيڻ به ڀاءُ سان گڏ سياسي محاذ سنڀالي ورتو، ڪارڪنن جي نعرن جي گونج ۾ استقبال، سالار الاسلام ريٽرننگ آفيسر کي والد جي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ۽ چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جو پيغام آيو آهي ته مضبوط چونڊ مهم هلايو. 11 سالن جي سالار پنهنجي والد جي جاءِ تي مهم شروع ڪندي چيو ته چوڌري نثار جي لاءِ هن جو ڪو به پيغام ناهي، چونڊون سياسي پارٽين جي وچ ۾ ٿينديون آهن، آزاد اميدوارن جي ڪا به حيثيت ناهي هوندي. اين ي 59 تان مسلم ليگ ن جو اميدوار قمر الاسلام مبينا ڪرپشن الزامن تي نيب جي حراست ۾ آهي، سياست جي پراڻي رانديگر چوڌري نثار جي خلاف ليگي اڳواڻ جو پٽ سالار الاسلام ميدان ۾ اچي ويو. ننڍڙو سياستدان پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪلرسيدنا کان قافلي جي صورت ۾ راولپنڊي ڪچهري پهتو ته پرجوش ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو. سالار الاسلا ريٽرننگ آفيسر کي پنهنجي والد جي پارٽي ٽيڪٽ جمع ڪرائي. قمر الاسلام جي گرفتاري ۽ سندس پٽ جي انٽري بعد اين اي 59 ۾ شهرين جي دلچسپي وڌي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے