15 جمعرات , نومبر 2018

ايمنسٽي اسڪيم تحت ايف بي آر کي ٽيڪس جي مد ۾ 30 ارب رپيا مليا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) کي ايمنسٽي اسڪيم جي تحت 30 ارب رپيا ملي ويا آهن ۽ تازن انگن اکرن موجب گذريل رات تائين 15 هزار ماڻهو پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري چڪا. اپريل جي فنانس بل ۾ منظور ڪيل ايمنسٽي اسڪيم 30 جون تي  ختم ٿي رهي آهي پر ان کان اڳ پاڪستان ۽ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ايف بي آر ۾ اثاثا ظاهر ڪڻ جو سلسلو جاري آهي. ذريعن موجب گڏيل طور تي 15 هزار ماڻهو هن وقت تائين ايف بي آر ۾ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري چڪا آهن جنهن ۾ وڏو انگ ڏيهين جو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اندران تقريبن 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا جڏهن ته سمنڊ پار پاڪستانين مان 4 هزار 913 ماڻهن پنهنجا اثاثا ايف بي آر کي ٻڌائي ڇڏيا. ذريعن موجب ايمنسٽي اسڪي جي تحت ايف بي آر کي ٽيڪس جي مد ۾ 30 ارب رپيا مليا آهن جڏهن ته مختلف ماڻهن طرفان 60 ارب جا ٽيڪس لاءِ چالان به ڀريا ويا آهن ۽ اها رقم هڪ ٻن ڏينهن ۾ ايف بي آر کي ملي ويندي.  ذريعن موجب ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن ايمنسٽي اسڪيم مان ايتري ڳري رقم حاصل ناهي ٿي. ايف بي آر اپريل ۾ ايمنسٽي اسڪيم جي تحت 3 کان 4 ارب ڊالر ٽيڪس وصولي جي دعويٰ ڪئي هئي جيڪا پوري ٿيندي نظر پئي اچي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي انگ ۾ ڪارو ناڻو يا اثاثا ظاهر ڪرڻ جي ڪري پاڪستان جي آرگنائزيشن فار اڪنامڪ کي آپريشن اينڊ ڊيولپمينٽ (او اي سي ڊي) جو ميمبر بڻائڻو آهي ۽ سيپٽمبر 2018ع پاڪستان ان تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کان پوءِ سمورن ميمبر ملڪن کان پاڪستانين جي اثاثن جي ڄاڻ وٺي سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے